سنڌ جي ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي واري وزير سيد ذوالفقار علي شاھه ناليواري ڪلاسيڪل راڳي استاد شفيع فقير سان رابطو ڪري سندس طبيعت معلوم ڪئي.
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه جي ھدايت تي 5 لک رپين جو چيڪ استاد شفيع فقير جي علاج لاءِ جاري ڪيو ويو.
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه جي ھدايت تي ڊائريڪٽر ڪلچر حبيب الله ميمڻ استاد شفيع فقير سان ملاقات ڪري سندس عيادت ڪئي.
ڪلاسيڪل راڳي استاد شفيع فقير سنڌ حڪومت جو ٿورا مڃيا.
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه جو چوڻ آهي ته استاد شفيع فقير دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ آھي، هو ڪلاسيڪل راڳ ۾ پنهنجي ڌار سڃاڻپ رکي ٿو.
هن چيو ته استاد شفيع فقير حقيقي ڪلاسيڪل راڳ، سرن ۽ شاعري کي زنده رکيو آهي.
سيد ذوالفقار علي شاھه جو چوڻ آهي ته استاد شفيع فقير پاڻ ھڪ يونيورسٽي جي حيثيت رکي ٿو.
هن چيو ته هو شفيع فقير جي جلد مڪمل صحت يابي لاءِ دعاڳو آهي، شفيع فقير جلد صحتياب ٿي اسان سان گڏ موجود ھوندو.
واضح رهي ته ناليوارو راڳي استاد شفيع فقير آپريشن بعد ڪراچي ۾ رھائش اختيار ڪئي آهي.