تازه ترين

سيد زين شاهه سمورين ڌرين کي سنڌ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ جي دعوت ڏني

- Advertisement -
سنڌ يونائيٽيد پارٽي جي صدر سيد زين شاهه سمورين ڌرين کي سنڌ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. ڀٽ شاھ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان ورڪر ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو. ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي زين شاهه چيو ته لطيف جي نگري مان سڀني کي سنڌ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو. سندس چوڻ هو ته موجوده وقت ۾ سڀني جي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪينال ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو. سيد زين شاهه چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌ خلاف سازش آهي، سنڌو تي ڪو به ڪئنال نه گهرجي ڪئنال اڏڻ سنڌ جي زمينن کي سڪائڻ آهي. هن چيو ته ، سنڌو درياهه مان ڪئنال نڪتا ته سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ سنڌ جا ماڻھو بک وگھي مري ويندا. زين شاهه چيو ته سنڌ ۾ بدامني جو راڄ آهي جيڪو اليڪشن ۾ جعلي مينڊينٽ جو نتيجو آهي. ايس يو پي جي صدر چيو ته موجوده صورتحال ۾ سڀني کي گڏ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان ڪري هو سمورين ڌرين کي دعوت ڏي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
33 %
1.3kmh
54 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون