- Advertisement -
پاڪستان ۽ ملائيشيا واپار، سيڙپڪاري، دفاع، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪندي غزا ۽ ڪشمير سميت علائقائي معاملن تي پنهنجي مضبوط موقف جو ورجاءُ ڪيو آهي.
وزيراعظم شهبازشريف ۽ ملائيشين وزيراعظم وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ وفدن جي سطح تي به ڳالهيون ڪيون ويون.
ملاقاتن دوران واپار، سيڙپڪاري، دفاع، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
وزيراعظم شهبازشريف ملائيشين هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان جي باسمتي چانور جي ايڪسپورٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي ڌرين ساليانو 200 ملين ڊالر ماليت جو حلال گوشت ايڪسپورٽ ڪرڻ وارن امڪان تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
شهبازشريف پاڪستان جي چانور جي ايڪسپورٽ ۾ رنڊڪون ختم ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي.
وزيراعظم چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ اضافي کانسواءِ دفاع، سياحت، زراعت، گرين انرجي، هنرمند افرادي قوت ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ وارن شعبن ۾ وڌيڪ سهڪار جا رستا ڳوليا ويندا.
بعد ٻنهي ملڪن جي وزيراعظم مفاهمتي يادداشتن تي دستاويزن تي صحيح واري تقريب ۾ به شرڪت ڪئي.- Advertisement -
