تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سيد زين شاھ پاران 14 نومبر تي حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان

- Advertisement -
تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي مرڪزي نائب صدر سيد زين شاھ 14 نومبر تي حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 27 ھين آئيني ترميم ۾ جيڪڏهن صوبن جي خودمختياري يا مالياتي حصي ۾ ڪٽوتي بابت قانونسازي ٿي ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. ڪراچي پريس ڪلب ۾ حليم عادل شيخ ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي زين شاهه چيو ته 2024 جي اليڪشن کانپوءِ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان وجود ۾ آئي ۽ 2022 ۾ جيڪو نظام آيو، ان خلاف هو سڀ گڏ ٿيا. هن چيو ته ھي ملڪ صرف آئين تحت ئي ھلي سگھي ٿو، آئيني نظام لاءِ عوام سان گڏجي جدوجهد ڪندا. سندس چوڻ هو ته عوامي رابطا مھم جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ 14 نومبر تي جلسو ٿيندو، جنهن ۾ مرڪزي قيادت شرڪت ڪندي. زين شاهه چيو ته 27 ترميم ته اچڻي آھي، ڪجهه اطلاع مليا آھن ته ان ۾ آئين جو بنياد لوڏيو پيو وڃي، بنياد انساني حقن کان وٺي صوبائي مالي حقن تائين توڙي سول سپرميسي ۽ پارلياماني جھموري نظام خلاف ڪجهه آندو پيو وڃي، ائين ٿيو ته 1973 وارو آئين پنهنجي اھميت وڃائي ڇڏيندو. سندس چوڻ هو ته جبري طور جيڪڏهن خودمختياري يا مالي صوبائي اختيارين کي ختم ڪيو ويو ته هو ان کي تسليم نه ڪندا. ان موقعي تي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل چيو ته هن وقت اهي فيصلا ڪن پيا جن کي عوامي مينڊيٽ حاصل ئي ناھي، ڏنڊي جي زور تي ڪجهه ڪيو ويو ته عوام قبول نه ڪندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
15 %
3.3kmh
100 %
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
23 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون