تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سيد مراد علي شاهه تڪراري چولستان ڪئنال جي منظوري روڪڻ لاءِ  وفاق کي خط لکي ڇڏيو

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تڪراري چولستان ڪئنال جي منظوري روڪڻ لاءِ  وفاق کي خط لکي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سنڌ کي چولستان ڪئنال تي خدشا آهن، معاملو سي سي آءِ ۾ هئڻ سبب سي ڊي ڊبليو پي مان منظوري روڪي وڃي. وڏي وزير مراد علي شاھ طرفان رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ڏانهن موڪليل خط جي ڪاپي سنڌ ٽي وي نيوز انوييسٽيگيشن سيل ھٿ ڪري ورتي. وڏي وزير خط ۾ چيو ته احسن اقبال واعدو ڪيو هو ته سي سي آءِ مان منظوري تائين چولستان ڪئنال جي منظوري نه ڏني ويندي، واعدي باوجود منصوبو ايڪنڪ ۾ موڪليو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو ته سنڌ کي چولستان ڪينال تي خدشا آهن، اهڙي ڳالھه هُن احسن اقبال سان 20 سيپٽمبر تي ٿيل فون تي ڳالھه ٻولهه دوران پڻ ڪئي هئي. وڏي وزير خط ۾ چيو ته هُن وفاق آڏو اها ڳالھه رکي هئي ته معاملو سي سي آءِ ۾آهي، ان لاءِ سي ڊي ڊبليو پي مان منظوري وارو عمل روڪيو وڃي. خط ۾ وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي ته وفاق چولستان ڪينال وارو معاملو ايڪنڪ ۾ موڪلڻ واري فيصلو واپس وٺندو. وڏي وزير خط ۾ چيو ته اهڙي طريقي سان چولستان ڪينال جي منظوري سنڌ جي مفادن جي خلاف آهي. ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير جي خط کانپوءِ وفاقي وزير احسن اقبال، سي ڊي ڊبليو پي جا منٽس روڪي ڇڏيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون