تازه ترين

سيد مراد علي شاهه تڪراري چولستان ڪئنال جي منظوري روڪڻ لاءِ  وفاق کي خط لکي ڇڏيو

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تڪراري چولستان ڪئنال جي منظوري روڪڻ لاءِ  وفاق کي خط لکي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سنڌ کي چولستان ڪئنال تي خدشا آهن، معاملو سي سي آءِ ۾ هئڻ سبب سي ڊي ڊبليو پي مان منظوري روڪي وڃي. وڏي وزير مراد علي شاھ طرفان رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ڏانهن موڪليل خط جي ڪاپي سنڌ ٽي وي نيوز انوييسٽيگيشن سيل ھٿ ڪري ورتي. وڏي وزير خط ۾ چيو ته احسن اقبال واعدو ڪيو هو ته سي سي آءِ مان منظوري تائين چولستان ڪئنال جي منظوري نه ڏني ويندي، واعدي باوجود منصوبو ايڪنڪ ۾ موڪليو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو ته سنڌ کي چولستان ڪينال تي خدشا آهن، اهڙي ڳالھه هُن احسن اقبال سان 20 سيپٽمبر تي ٿيل فون تي ڳالھه ٻولهه دوران پڻ ڪئي هئي. وڏي وزير خط ۾ چيو ته هُن وفاق آڏو اها ڳالھه رکي هئي ته معاملو سي سي آءِ ۾آهي، ان لاءِ سي ڊي ڊبليو پي مان منظوري وارو عمل روڪيو وڃي. خط ۾ وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي ته وفاق چولستان ڪينال وارو معاملو ايڪنڪ ۾ موڪلڻ واري فيصلو واپس وٺندو. وڏي وزير خط ۾ چيو ته اهڙي طريقي سان چولستان ڪينال جي منظوري سنڌ جي مفادن جي خلاف آهي. ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير جي خط کانپوءِ وفاقي وزير احسن اقبال، سي ڊي ڊبليو پي جا منٽس روڪي ڇڏيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون