تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سينئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ جي ڊبليو سي جي سڏ تي  مختلف شهرن ۾  احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سينئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ جي ڊبليو سي جي سڏ تي  مختلف شهرن ۾  احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

نوابشاهه ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جي ڊبليو سي جي صدر ذوالفقار خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان شيراز چوڪ تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي جي ڊبليو سي جي صدر ذوالفقار خاصخيلي چيو ته شھيد صحافي جان محمد مهر جو قتل کليل دھشتگردي آھي.

هن چيو ته جان محمد مھر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن غ سندن سھولتڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي  تحريڪ ھلائي ويندي.

ميهڙ ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جي ڊبليو سي ۽ ٻين سياسي سماجي ڌرين پاران جاويد سومرو، رياض چانڊيو، انور ڪانڌڙو، جميل مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

مانجهند ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جي ڊبليو سي جي سڏ تي يوسف عمراڻي، گلزار ملاح، محسن خاصخلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڳڙهي حسن ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي خون سان انصاف لاءِ جي ڊبليو سي جي سڏ تي گلزار کوسو، غلام رباني سرڪي، عرفان ڪنڊراڻي، امام بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي  اڳواڻن چيو ته سچ لکڻ تي سينيئر صحافي جان محمد مهر کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو.

مظاهرين  چيو ته پوليس جي نااهلي سبب سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ بڻيل آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنا دير صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃِي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون