تازه ترين

سينئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ جي ڊبليو سي جي سڏ تي  مختلف شهرن ۾  احتجاج

سينئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ جي ڊبليو سي جي سڏ تي  مختلف شهرن ۾  احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

نوابشاهه ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جي ڊبليو سي جي صدر ذوالفقار خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان شيراز چوڪ تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي جي ڊبليو سي جي صدر ذوالفقار خاصخيلي چيو ته شھيد صحافي جان محمد مهر جو قتل کليل دھشتگردي آھي.

هن چيو ته جان محمد مھر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن غ سندن سھولتڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي  تحريڪ ھلائي ويندي.

ميهڙ ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جي ڊبليو سي ۽ ٻين سياسي سماجي ڌرين پاران جاويد سومرو، رياض چانڊيو، انور ڪانڌڙو، جميل مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

مانجهند ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جي ڊبليو سي جي سڏ تي يوسف عمراڻي، گلزار ملاح، محسن خاصخلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڳڙهي حسن ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي خون سان انصاف لاءِ جي ڊبليو سي جي سڏ تي گلزار کوسو، غلام رباني سرڪي، عرفان ڪنڊراڻي، امام بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي  اڳواڻن چيو ته سچ لکڻ تي سينيئر صحافي جان محمد مهر کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو.

مظاهرين  چيو ته پوليس جي نااهلي سبب سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ بڻيل آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنا دير صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃِي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.2 ° C
30.2 °
30.2 °
27 %
0.6kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون