سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايتن تي پوليس پاران منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروايون جاري آهن

- Advertisement -
سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايتن تي پوليس پاران منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروايون جاري آهن. ڪوٽڙي ۾ پوليس ڪارروائي دوران ستن کان وڌيڪ  منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ مين پڙي، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان، چرس، نشي واريون سوپاريون هٿ ڪري ورتيون. خداجي بستي واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران پوليس منشيات وڪرو ڪندڙ عورت ثمينا، جمال شورو، ممتاز برفت کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن جي قبضي مان چرس ۽ نشي واريون سوپاريون هٿ ڪيون ويون. پوليس موجب بلوچ ڪالوني ۾ منشيات فروش شاڪي پنجابي جي ڪارخاني تي ڇاپي دوران چئن جوابدارن راجو اوڏ، رشيد، ڪيلاش ۽ سوجن اوڏ کي گرفتار  ڪري وڏي مقدار ۾ منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.7 ° C
24.7 °
24.7 °
20%
1.6m/s
0%
آچر
24 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون