تازه ترين

سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايتن تي پوليس پاران منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروايون جاري آهن

سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايتن تي پوليس پاران منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروايون جاري آهن.

ڪوٽڙي ۾ پوليس ڪارروائي دوران ستن کان وڌيڪ  منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ مين پڙي، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان، چرس، نشي واريون سوپاريون هٿ ڪري ورتيون.

خداجي بستي واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران پوليس منشيات وڪرو ڪندڙ عورت ثمينا، جمال شورو، ممتاز برفت کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن جي قبضي مان چرس ۽ نشي واريون سوپاريون هٿ ڪيون ويون.

پوليس موجب بلوچ ڪالوني ۾ منشيات فروش شاڪي پنجابي جي ڪارخاني تي ڇاپي دوران چئن جوابدارن راجو اوڏ، رشيد، ڪيلاش ۽ سوجن اوڏ کي گرفتار  ڪري وڏي مقدار ۾ منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
40 %
0.8kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون