سينيئر سفارتڪار آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري طور ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته آمنه بلوچ 33هين پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ٿي آهي، هوءَ هڪ تجريبڪار سفارتڪار آهي.
هن چيو ته آمنه بلوچ چين ۾ پاڪستاني قونصل جنرل رهي چڪي آهي، هوءَ بيلجيم، ملائيشيا ۽ يورپي يونين ۾ سفير طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته سينيئر سفارتڪار آمنه بلوچ پاڪستان جي ٻي عورت پرڏيهي سيڪريٽري آهي، ان کان اڳ تهمينه جنجوعا به پرڏيهي سيڪريٽري جي عهدي تي فرض سرانجام ڏنا.
آمنه بلوچ ان کان اڳ پرڏيهي ملڪن ۾ پاڪستاني مشنر ۾ اهم عهدن تي فرض سنڀالي چڪي آهي، چين ۾ قونصل جنرل ۽ ملائيشيا ۾ هاءِ ڪمشنر جون ذميواريون نڀايون آهن.