تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر شاهه ڊبل ڊيڪر بسن جو افتتاح ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر شاهه ڊبل ڊيڪر بسن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ڊسمبر 2025ع تائين ڊبل ڊيڪر بسون آڻڻ جو واعدو ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته بسن جي شروعات کان ڪئي آهي، اڄ ابتدائي ۽ تجرباتي شروعاتي آهي، سڀاڻي کان بسون روڊن تي هونديون. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪوشش آهي ته 2026ع ۾ ڪراچي جي هر روڊ تي ڊبل ڊيڪر بسون هلايون وڃن. هن چيو ته اي وي بسن جا نوان روٽ به ايندڙ هفتي کان شروع ڪري رهيا آهيون، ٽرانسپورٽ ماڻهن جي ضرورت آهي. سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته قيادت جي هدايت آهي ته ماڻهن جي سهولت ۾ بهتري آڻيون. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته پيپلز بس سروس ذريعي سوا لک ماڻهو روز سفر ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته سهولت وڌائي رهيا آهيون، سنڌ جي هر روڊ تي بسون آڻڻ ۾ مصروف آهيون. هن جو چوڻ هو ته ڪراچي لاءِ وڏا منصوبا جوڙي رهيا آهن، 9 ارب رپيا صنعتي علائقن لاءِ رکيا ويا آهن، نوان وڏا منصوبا به آڻي رهيا آهن. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته شاهراهه ڀٽو وڏو منصوبو ۽ لنڪ روڊ تي به ڪم ڪيو پيو وڃي، سموري صوبي ۾ روڊن جو ڄار وڇائي رهيا آهيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون