پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر جنيوا ۾ عالمي اداري ۾ ملازمت اختيار ڪرڻ سبب سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏني آهي.
ذريعن موجب، سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر پنهنجي استعيفيٰ سينيٽ سيڪريٽريٽ کي اماڻي ڇڏي.
پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ ڊاڪٽر ثانيه نشتر خيبرپختونخوا مان 2021ع ۾ سينيٽر چونڊي هئي……