- Advertisement -
سينيٽ جو اجلاس اڄ صبح ساڍي يارهين وڳي ٿيندو جنهن جو 14 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو ويو.
اجلاس ۾ پيڪا ترميمي بل 2025 ۽ ڊجيٽل نيشن پاڪستان بل 2025 جي منظوري ايجنڊا ۾ شامل آهي جڏهن ته گھرو وزير ٽي نوان بل ايوان ۾ متعارف ڪرائيندو.
اهڙي طرح ايجنڊا ۾ اسمگلنگ مائيگرينٽس ترميم بل 2025 پيش ٿيندو ان کان علاوه انساني اسمگلنگ روڪڻ وارو ترميمي بل 2025، اميگرنٽ ترميمي بل 2025 پيش ڪيو ويندو.
سينيٽر فيصل واوڊا ايف بي آر ملازمن لاءِ گاڏين جي خريداري تي ڌيان ڇڪايو نوٽس پيش ڪندو، سينيٽر عرفان صديقي رولز آف بزنس ۾ ترميمون پيش ڪندو.- Advertisement -
