سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو شروع

- Advertisement -
سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، نامزدگي ڪاغذ اڄ ۽ سڀاڻي جمع ڪرائي سگهبا. سينيٽ ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ٻارنهن ٻارنهن، بلوچستان ۽ ڪي پي جي 11-11 سيٽن تي چونڊ 2 اپريل تي ٿيندي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ سينيٽ جي ٻن سيٽن تي اليڪشن ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب اميدوارن جي لسٽ 17 مارچ تي لڳائي ويندي ۽ ڇنڊڇاڻ 19 ٿي ٿيندي، ڪاغذن تي اعتراض 21 مارچ تائين داخل ڪرائي سگهبا، 25 مارچ تائين ٽربيونل اعتراض اڪلائيندا، 26 مارچ تي اميدوارن جي عبوري لسٽ جاري ٿيندي ۽ 28 مارچ تائين اميدوار نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهن ٿا. چئني صوبن ۾ سينيٽ ۾ ستن ستن جنرل، ٻن ٽيڪنوڪريٽ ۽ ٻن ٻن  عورتن جي سيٽن تي اليڪشن  ٿيندي. پنجاب ۽ سنڌ ۾ هڪ هڪ اقليتي سيٽ تي به چونڊ ٿيندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
15%
4m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون