سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، نامزدگي ڪاغذ اڄ ۽ سڀاڻي جمع ڪرائي سگهبا.
سينيٽ ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ٻارنهن ٻارنهن، بلوچستان ۽ ڪي پي جي 11-11 سيٽن تي چونڊ 2 اپريل تي ٿيندي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ سينيٽ جي ٻن سيٽن تي اليڪشن ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن موجب اميدوارن جي لسٽ 17 مارچ تي لڳائي ويندي ۽ ڇنڊڇاڻ 19 ٿي ٿيندي، ڪاغذن تي اعتراض 21 مارچ تائين داخل ڪرائي سگهبا، 25 مارچ تائين ٽربيونل اعتراض اڪلائيندا، 26 مارچ تي اميدوارن جي عبوري لسٽ جاري ٿيندي ۽ 28 مارچ تائين اميدوار نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهن ٿا.
چئني صوبن ۾ سينيٽ ۾ ستن ستن جنرل، ٻن ٽيڪنوڪريٽ ۽ ٻن ٻن عورتن جي سيٽن تي اليڪشن ٿيندي.
پنجاب ۽ سنڌ ۾ هڪ هڪ اقليتي سيٽ تي به چونڊ ٿيندي