سيٺارجا ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل پوليس اهلڪار امير بخش سوڍڙو جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڳوٺ واحد بخش سوڍڙو ۾ شهيد پوليس اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي
جنازي نماز ۾ ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو، ايس پي گمبٽ نعمان ظفر سميت پوليس اهلڪارن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جنازي نماز بعد شهيد اي ايس آءِ جو مڙهه اباڻي قبرستان پير علي شير ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
شهيد اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙو کي پوليس اهلڪارن طرفان سلامي پيش ڪري سرڪاري اعزاز سان دفنايو ويو.
ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو چيو ته شهيد اي اي ايس آءِ امير بخش جي قتل ۾ ملوث جوابدارن ۽سندن مددگارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ پوليس کي شهيد اهلڪارن تي فخر آهي.
ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهيد اي اي ايس آءِ امير بخش جي وارثن کي پيڪيج ڏيارڻ لاءِ جلد سي پي او کي رپورٽ ڏينداسين.
واضح رهي ته گذريل رات ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙو شهيد ٿي ويو هو