سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي خط لکي ڇڏيو.
خط ۾ چيو ويو آھي تھ اڳوڻو وزيراعظم، وڏا وزير، صوبائي ۽ وفاقي ڪابينا، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر سرڪاري گهر، مراعتون ۽ گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن.
خط ۾ اليڪشن ڪميشن جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي.
سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن پاران ٻن اعليٰ آفيسرن کي ٽن ڏينهن ۾ حڪمن تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
خط ۾ چيو ويو آھي تھ اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي فوري ڪارروائي ڪري سهولتن ۽ مراعتن جي واپسي کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.