تازه ترين

سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئي باب جي شروعات ٿي : وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سي پيڪ سان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دوستي جو رشتو وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، پاڪ چين اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي ۾ نئين ماڊل تحت اڳتي وڌندا، ڏهه سال اڳ سي پيڪ منصوبن تي ڪم جي شروعات ٿي هئي، سي پيڪ تحت 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي، ٻيو مرحلو بزنس ٽو بزنس، سيڙپڪاري، زراعت ۽ آءِ ٽي جي منصوبن تي ٻڌل هوندو.

اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب ٿي.

تقريب دوران پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڇهن دستاويزن تي صحيحون ٿيون.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ مواصلات، صنعت ۽ انفرا اسٽرڪچر جي شعبن ۾ ٺاهن تي صحيحون ٿيون.

تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين راهداري منصوبي تي ڏهه سال اڳ صحيحون ٿيون، سي پيڪ منصوبن جي شروعات ڏهه سال اڳ نواز شريف جي دور ۾ ٿي.

سندس چوڻ هو ته سي پيڪ تحت مختلف منصوبن تي 25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، سي پيڪ سان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دوستي جو رشتو وڌيڪ مضبوط ٿيو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئي باب جي شروعات ٿي، چيني صدر جي ويزن موجب خطي ۾ ترقي لاءِ خواهشمند آهن.

هن چيو ته ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي انتهائي اهم منصوبا آهن، پاڪ چين اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي ۾ نئين ماڊل تحت اڳتي وڌندا.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ تحت 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي، ٻيو مرحلو بزنس ٽو بزنس، سيڙپڪاري، زراعت ۽ آءِ ٽي جي منصوبن تي ٻڌل هوندو، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هي دوستي هميشه برقرار رهندي ۽ هن ۾ ڪابه رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
21 %
1.6kmh
0 %
خميس
14 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون