نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ واپاري لاڳاپن جو ثبوت آهي، ڪنهن کي به پاڪ-چين دوستي متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا.
بيجنگ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته سي پيڪ انقلابي منصوبو آهي، جيڪو جٽادار ترقي کي اڳتي وڌائي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي هر دور ۾ ثابت قدم رهي آهي، پاڪستان لاءِ چين سان ڀائراڻن لاڳاپن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به رشتو اهم ناهي.
انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي ٻه طرفي خصوصي لاڳاپن تي پاڪستان ۾ قومي اتفاق راءِ موجود آهي، پاڪستان ڪنهن کي به پاڪ-چين لاڳاپا متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.
هن چيو ته سي پيڪ هڪ فليگ شپ منصوبو آهي جيڪو پاڪ چين اسٽريٽجڪ سهڪار جو مظهر آهي.
نگران وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي ڪري، گذريل 10 سالن ۾ پاڪستان جو سماجي ۽ معاشي منظرنامو تبديل ٿيو آهي.
سندس چوڻ هو ته سي پيڪ پاڪستان جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻايو، منصوبن اسان جي نوجوانن کي ترقي جا موقعا فراهم ڪيا.
نگران وزيراعظم چيو ته سي پيڪ روزگار جا نوان موقعا، غربت جي خاتمي، ڳوٺاڻن علائقن جي ترقي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.
هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري پٺتي پيل ۽ ڪمزور طبقن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه هموار ڪئي آهي.
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته سي پيڪ بلوچستان جي عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جو مينار آهي، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ اعتماد جي علامت آهي