سپريم ڪورٽ، حڪومت جي درخواست منظور ڪندي سپريم جڊيشل ڪائونسل کي جسٽس رٽائرڊ مظاهر نقوي خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪائونسل ڪارروائي شروع ڪري ته استعيفيٰ يا رٽائرمينٽ تي ڪارروائي ختم نٿي ٿي سگهي.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بئنچ حڪومتي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ڪيس ۾ عدالتي مددگارن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو، جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌايو.
سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل کي جسٽس رٽائرڊ مظاهر نقوي خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏني.
سپريم ڪورٽ چيو ته جڏهن سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪارروائي شروع ڪري ته استعيفيٰ يا رٽائرمينٽ تي ڪارروائي ختم نٿي ٿي سگهي.
فيصلي ۾ چيو ويو ته استعيفيٰ ڏيندڙ جج خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جڊيشل ڪائونسل جو اختيار هوندو.
سپريم ڪورٽ مختصر فيصلي ۾ چيو ته رٽائرڊ جج خلاف التوا هيٺ شڪايتن تي ڪارروائي ڪرڻ يا نه ڪرڻ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو صوابديد آهي.
اهو فيصلو چار هڪ جي اڪثريت سان ٻڌايو ويو، جنهن ۾ عدالت وفاقي حڪومت جي اپيل مشروط طور منظور ڪري ورتي.
جسٽس حسن اظهر رضويءَ فيصلي سان اختلاف ڪيو….