سپريم ڪورٽ، ٽرائل ڪورٽ کي 9 مئي بابت ڪيسن جو چئن مهينن ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ، ٽرائل ڪورٽ کي 9 مئي بابت ڪيسن جو چئن مهينن ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ 9 مئي جي جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ٻڌڻي کانپوءِ ٽرائل ڪورٽ کي چئن مهينن ۾ ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران هڪ جوابدار جي وڪيل چيو ته چئن مهينن ۾ ٽرائل ڪيئن مڪمل ٿيندو؟، سندن خلاف 35 ڪيس آهن، ايتري گهٽ عرصي ۾ ٽرائل مڪمل نه ٿيندو. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي رمارڪس ڏنا ته مردان ۾ مشال خان قتل جو واقعو ٿيو هو، هو ان وقت پشاور هائيڪورٽ ۾ چيف جسٽس هو، مشال خان قتل ڪيس جو ٽن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ٿيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت پرفارم ڪري سگهي ٿي. پنجاب حڪومت طرفان ضمانت رد ڪرڻ جي درخواستن جي ڪجهه ڪيسن ۾ گذريل ڏينهن به سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي فيصلو ٽن مهينن ۾ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
light rain
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
51%
2.4m/s
57%
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون