سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سياستدانن جي تاحيات نااهلي بابت تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سياستدانن جي تاحيات نااهلي بابت تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سياستدانن جي تاحيات نااهلي واري ڪيس جو 53 صفحن تي ٻڌل فيصلو چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ لکيو، تفصيلي فيصلي ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي جو اختلافي نوٽ به شامل ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ لکيو آهي ته سياستدانن جي تاحيات نااهلي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ نااهلي جو مدو 5 سالن کان وڌيڪ نه ٿو ٿي سگهي. تفصيلي فيصلي موجب اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ نا اهلي جو مدو 5 سالن کان وڌيڪ نٿو ٿي سگھي، آرٽيڪل 62 ون اي ايف ۾ تاحيات نا اهلي جو ڪٿي به ذڪر نه آهي، جيڪڏهن صرف آرٽيڪل 62 ون ايف پڙهيو وڃي ته ان تحت سزا نٿي ڏئي سگھجي. اعلى عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت تاحيات نااهلي جو تصور بنيادي حقن سان مطابقت نٿو رکي، تاحيات نا اهلي چونڊون وڙهڻ ۽ عوام جي ووٽ واري حق جي ٽڪراءَ ۾ آهي، اهڙو ڪو به قانون ناهي جيڪو واضح ڪري ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهليءَ جو طريقو ڇا ٿيندو؟. سپريم ڪورٽ واضح ڪيو ته سميع الله بلوچ ڪيس ۾ تاحيات نااهلي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، سميع الله بلوچ ڪيس جو فيصلو اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال لکيو ۽ پاڻ فيصلي کان اعتراض به رکيو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون