تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سپريم ڪورٽ احتساب عدالتن کي قطعي فيصلن کان روڪي ڇڏيو، نيب ترميمن خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ نيب ترميمون ڪيس پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي فيصلي سان مشروط ڪندي ٽرائل ڪورٽن کي نيب ريفرنسن جي قطعي فيصلن کان روڪي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ نيب ترميمن جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل منصور عثمان ۽ فاروق نائڪ عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته نيب ترميمون ڪيس جو اقليتي فيصلو به اچي چڪو آهي، اپيل ۾ وفاقي حڪومت هڪ نڪتو پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جو اٿاريو آهي، ڇا اوهان ان نقطي جي پيروي ڪرڻ چاهيو ٿا؟ هن چيو ته جيڪڏهن اوهان  جو  دليل تسليم ڪيو وڃي ته نيب ترميمن خلاف درخواستون التوا هيٺ هونديون ۽ انهن تي 5 رڪني بئنچ فيصلو ڪندي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل اپيلن تي پريڪٽس اينڊ پروسيجر  قانون لاڳو ٿيڻ جي حمايت ڪئي. چيف جسٽس چيو ته اڃا تائين پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جو تفصيلي فيصلو ناهي آيو، ڇا مناسب نه هوندو ته تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اهو چوڻ درست ناهي ته نيب ترميمن ذريعي ڪنهن فائدو حاصل ڪيو، نيب ترميمن سان ڪجهه خراب نه ٿيو، رڳو ڪيسن جو فورم تبديل ٿيو آهي. فاروق ايڇ نائڪ نيب ترميمن جو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته نيب ترميمون ڪيس جو فيصلو معطل نه ڪيو ويندو، رڳو احتساب عدالتن کي قطعي فيصلو ڪرڻ کان  روڪيو ويندو. هن چيو ته نيب ترميمون ڪيس جي فيصلي خلاف اپيلن کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جو تفصيلي فيصلو اچڻ بعد مقرر ڪيو ويندو. چيف جسٽس چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جي قطعي نقطي تي دليل ڏيندا ته عدالت کي سيڪشن 4 لاڳو ڪرڻو پوندو. سپريم ڪورٽ نيب ترميمون ڪيس کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي تفصيلي فيصلي سان مشروط ڪندي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل  مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ نيب ترميمون ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪري ٿي، نيب، اٽارني جنرل، صوبائي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون