تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ جي اختيارن جو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪرڻ تي ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته سندن سامهون بنيادي سوال آهي ته جوڊيشل آرڊر جي موجودگي ۾ ججز جي ڪميٽي ڪيس واپس وٺي پئي سگهي؟ عدالتي معاون وڪيل حامد خان چيو ته انتظامي آرڊر ذريعي عدالتي حڪم نامو تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سندن سامهون ڪيس ججز ڪميٽي جي واپس وٺڻ بابت آهي، چيف جسٽس ۽ جسٽس امين الدين خان ججز ڪميٽي جو حصو آهن، سراسري طور ٻه رڪني ججز ڪميٽي جوڊيشل آرڊر کي نظرانداز ڪيو،  جيڪڏهن ججز ڪميٽي جوڊيشل آرڊر کي نظرانداز ڪري ته معاملو فل ڪورٽ ۾ وڃي سگهي ٿو،  اهڙي سوال تي مدد ڪئي وڃي. جسٽس عقيل عباسي چيو ته ظاهري طور لڳي ٿو ته معاملي تي مونجهارو ته آهي، ماضي ۾ بئنچن معاملي تي رولز ٺاهڻ جو اختيار سپريم ڪورٽ وٽ هو، هاڻي سپريم ڪورٽ جي ڪجهه اختيارن کي ختم ڪيو ويو آهي، ڇهويهين آئيني ترميم جو سوال اچي ويندو. جسٽس منصور سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن ملڪ ۾ بئنچون عدليه بدران ايگزيڪٽو ٺاهيندو آهي، ڪو هڪ مثال هجي،  حامد خان چيو ته بئنچون عدليه بدران ڪو ايگزيڪٽو ٺاهي اهڙو مثال ڪٿي ناهي؟ جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 191 اي تحت آئيني بئنچ جوڊيشل ڪميشن ٺاهيندي، جسٽس عقيل عباسي چيو ته 191 اي کي سامهون رکندا ته ڇا اووليپنگ ناهي، حامد خان چيو ته پارليامينٽ قانونسازي ذريعي  سپريم ڪورٽ کانسواءِ  هر عدالت جي اختيارن جي دائري جو فيصلو ڪري سگهي ٿي پر پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي اختيارن کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهيئ وڪيل حامد خان چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي وٽ آئيني بئنچ جي ڪيس مقرر ڪرڻ جو اختيار آهي،جسٽس منصور علي شاهه سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪميٽي جوڊيشل آرڊر فالو نه ڪري ته پوءِ ڇا ٿيندو، راجا عامر ڪيس ۾ به فل ڪورٽ ٺاهي وئي. جسٽس منصور علي سوال ڪيو ته آرٽيڪل 2 اي تحت پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ڪيس واپس وٺي سگهي ٿي يا نه؟  ڇا پريڪٽس اينڊ  پروسيجر ڪميٽي جوڊيشل آرڊر کي نظرانداز ڪري سگهي ٿي؟ حامد خان چيو ته پروسيجر ڪميٽي  جي جوڊيشل آرڊر کي نظرانداز ڪرڻ جي صورتحال نه هئڻ گهرجي. جسٽس منصور علي شاهه سوال ڪيو ته  سپريم ڪورٽ رولز 1980 تحت فل ڪورٽ چيف جسٽس بڻائيندو يا پريڪٽس پروسيجر ڪميٽي، ڇا جوڊيشل آرڊر سان فل ڪورٽ جي جوڙجڪ لاءِ  معاملي ججز ڪميٽي کي موڪلي سگهجي ٿو؟ جسٽس عقيل عباسي چيو ته قانوني معاملا بئنچون ۽ عدالتون ئي حل ڪنديون آهن،  ڪميٽي به اکين تي پر رولز به اکين تي آهن. عدالتي مددگار احسن ڀون چيو ته  چيف جسٽس ڪميٽي سامهون معاملو رکي، پارليامينٽ جو اختيار ٻه ڀاڱي ته اڪثريت سان وفاق ۾ قانونسازي ڪرڻ آهي،  ڪميٽي بئنچ سامهون ٺيڪ ڪيس مقرر ڪندي آهي. جسٽس منصور رمارڪس ڏيندي چيو ته چيف جسٽس پوءِ ڇا ڪري، يعني توهان چئي رهيا آهيو ته ڪميٽي ٺيڪ ڪيو، مسئلو ڪميٽي سامهون رکون؟ احسن ڀون چيو ته فل ڪورٽ جوڊيشل آرڊر تحت ممڪن نه آهي نه ته فساد ٿي ويندو،،  هتي ماڻهو اداري کي تباهه ڪرڻ ۾ لڳل آهن، هر ڪو پنهنجي پارليامينٽ، پنهنجا جج، پنهنجي سپريم ڪورٽ چاهي ٿو، جسٽس منصور چيو هو ته هو اداري کي بچائڻ ۾ ئي مصروف آهن. عدالتي معاون خواجه حارث چيو ته  پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ڊائريڪٽ ڪيس آئيني بئنچ ۾ نه ٿي لڳائي سگهي، آئيني بئنچ ۾ ڪيس آئيني ڪميٽي ئي لڳائي سگهي ٿي،  جيڪڏهن سادي ڪميٽي ائين  ڪيو ته غلط آهي. هن چيو ته اختيارن جو استعمال جوڊيشل آرڊر جي ڀڃڪڙي تي نه رکڻ گهرجي،  پريڪٽس ايند پروسيجر به هڪ لاڳو ٿيل قانون آهي، سپريم ڪورٽ جي بئنچ قانون موجب ڪو به حڪم جاري ڪري سگهي ٿي. جسٽس منصور علي سوال ڪيو ته ڇا انتظامي ڪميٽي جوڊيشل آرڊر  جي درست هئڻ جو جائزو وٺي سگهي ٿي،  جيڪڏهن سندن 16 جنوري جو آرڊر غلط آهي ته ڇا  جوڊيشل فورم تي ئي چئلينج نه ٿيندو؟ اٽارني جنرل چيو ته  توهين عدالت لاءِ موجوده بئنچ  درست نموني نه جوڙي وئي آهي،  سپريم ڪورٽ جي رولز موجب توهين عدالت جي بئنچ جي جوڙجڪ لاءِ چيف جسٽس فيصلو ڪندو، موجوده بئنچ وٽ توهين عدالت جي ٻڌڻي جو اختيار ناهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته  عدالتي فيصلا ڪميٽي واپس وٺڻ لڳي ته عدليه جي آزادي ڪميٽي جي هٿن ۾ اچي ويندي. اٽارني جنرل جي دليلن کانپوءِ  سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جي توهين عدالت بابت فيصلو  محفوظ ڪري ڇڏيو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
broken clouds
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
23 %
1kmh
77 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون