تازه ترين

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ درخواستن جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ درخواستن جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني سپريم ڪورٽ جي آئيني فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا. وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته ڏوهه جي نوعيت سان طئي ٿيندو آهي ته ٽرائل ڪٿي هلندو، جيڪڏهن سويلين جي ڏوهه جو تعلق آرمڊ فورسز سان هوندو ته ٽرائل فوجي عدالت ۾ ويندو، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هو نيت کي به ڏسي سگهن ٿا، ڏوهه ڪرڻ واري جو مقصد ڪهڙو هو، ڇا ڏوهه جو مقصد ملڪ جي مفاد خلاف هو؟. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هڪ سوال پڇيو ويو هو ته جي ايڇ ڪيو ۽ ايئر بيس ڪراچي تي حملي جو ڪيس ملٽري ڪورٽن ۾ ڇو نه ويو، هن سوال جو جواب 21هين آئيني ترميم جي فيصلي ۾ موجود آهي. بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث چيو ته 21هين آئيني ترميم ۾ جي ايڇ ڪيو تي حملي، ايئر بيس تي حملي، فوج تي حملي ۽ عبادتگاهن تي حملن جي تفصيل جو ذڪر آهي. بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث چيو ته آرمي ايڪٽ تحت ڏوهه جو ڳٺ جوڙ هجي ته ملٽري ٽرائل ٿيندو، ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل آرمي ايڪٽ تحت ڏوهه جو ٿيندو آهي. جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڏوهه جو ڳٺ جوڙ جو ڇا مطلب آهي، جنهن تي وڪيل خواجا حارث چيو ته ڳٺ جوڙ جو مطلب آهي ته ڏوهه جو تعلق آرمي ايڪٽ سان آهي. جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا ڳٺ جوڙ سان گڏ ڏوهه ڪندڙن جي نيت به ڏٺي ويندي؟. جسٽس امين الدين خان چيو ته جوابدار ملٽري ٽرائل ۾ ڏوهه جي نيت نه هئڻ جو دفاع ڪري سگهي ٿو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جوابدار چئي سگهي ٿو ته سندس هن ڏوهه ڪرڻ جو ارادو نه هو؟. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته نيت جو جائزو ٽرائل دوران وٺي سگهجي ٿو، بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث چيو ته جيڪڏهن سويلين جي ڏوهه جو تعلق آرمڊ فورسز سان هوندو ته ٽرائل فوجي عدالت ۾ ويندو. جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ ڳٺ جوڙ موجود هو؟، جنهن تي وڪيل خواجا حارث چيو ته اي پي ايس حملي جي وقت ڳٺ جوڙ بلڪل موجود هوم هڪ ڳٺ جوڙ يا تعلق ڪنهن فوجي آفيسر، ٻيو فوج سان لاڳاپيل ڏوهه سان هوندو آهي. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪندي چيو ته اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ هوندي به فوجي عدالت ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو؟، فوجي عدالتن ۾ دهشتگردن جي ٽرائل لاءِ آئيني ۾ ترميم ڇو ڪرڻي پئي؟. بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته ترميم ۾ ڊسپلين ۽ فرض سرانجام ڏيڻ کان هٽ ڪري به ڪيترائي ڏوهه شامل ڪيا ويا هئا. جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته دهشتگرد ٽولي يا مذهب جي نالي تي دهشتگرد ڪاررواين تي ٽرائل ڪٿي هلندو؟، بچاءَ واري وزارت جي وڪيل چيو ته آرمي ايڪٽ تحت دهشتگرد ٽولي يا مذهب جي نالي تي دهشتگردي جي واقعن جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ هلندو، آئيني ترميم کانسواءِ به اهڙن ڏوهن جو ملٽري ڪورٽن ۾ ٽرائل هلي سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ عدالتي وقت ختم ٿيڻ تي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
50 %
1.7kmh
9 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون