تازه ترين

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس يحيٰ آفريدي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي فيصلي ۾ اختلافي نوٽ جاري

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس يحيٰ آفريدي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي فيصلي ۾ اختلافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس يحيٰ آفريدي 26 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته سُني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن لاءِ آئيني شرطن تي پورو نه ٿي لهي، ان ڪري سندس درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون. جسٽس يحيٰ آفريدي جي اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي آهي ۽ ڪجهه مخصوص سيٽن جي اهل آهي پر پي ٽي آءِ هن عدالت آڏو ڌر نه بڻي آهي. اختلافي نوٽ موجب ڪيس جي ٻڌڻي 3 جون کان ٿي رهي هئي، پي ٽي آءِ 26 جون تائين ڪا به درخواست داخل نه ڪئي، 26 جون تي پي ٽي آءِ طرفان ڌر بڻجڻ جي درخواست آئي. اختلافي نوٽ موجب بئريسٽر گوهر هلندڙ ڪيس ۾ مدد لاءِ درخواست ڏني پر پي ٽي آءِ پنهنجي حق ۾ ڪنهن ڊڪليئريشن جي استدعا نه ڪئي. جسٽس يحيٰ آفريدي لکيو ته اليڪشن ڪميشن ڌرين کي ٻڌي 7 ڏينهن ۾ فيصلو ڏئي ۽ مخصوص سيٽن جي نوٽيفڪيشن جو بيهر جائزو وٺي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.8 ° C
30.8 °
30.8 °
29 %
1.9kmh
6 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون