تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سپريم ڪورٽ جي جسٽس جمال مندوخيل منشيات جي سپلاءِ نه روڪڻ تي سرڪاري ادارن مٿان ڪاوڙ جو اظهار

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي جسٽس جمال مندوخيل منشيات جي سپلاءِ نه روڪڻ تي سرڪاري ادارن مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته منشيات کي بارڊر تي ڇو ناهي روڪيو ويندو؟، اها شهرن تي ڪيئن پهچي ٿي؟. منشيات ڪيس جي جوابدار جي ضمانت بابت درخواست جي جسٽس جمال مندوخيل جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي ۽ اَي اين ايف کي جوابدار جا سي سي ٽي وي فٽيج پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته منشيات شهرن تائين آخر پهچندي ڪيئن آهي؟ بارڊر تي منشيات کي ڇو ناهي روڪيو ويندو؟، بارڊر تان هڪ هڪ هزار ڪلوميٽر تائين منشيات اندر ڪيئن ايندي آهي؟، ضياءَ الحق جو ڏنل تحفو آهي، هاڻي هن کي ڀوڳيو. سندس چوڻ هو ته پنجن ڏهن ڪِلَنِ جو مسئلو ناهي پر ٽَنَنِ جي حساب سان منشيات ايندي آهي، طالبان افغانستان ۾ منشيات جون فيڪٽريون ڪيون ته هتي شروع ٿي ويون، بلوچستان جي ٽن ضلعن ۾ منشيات جو فصل ٿي رهيو آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سڀني کي خبر آهي پر ڪوبه ڪارروائي ناهي ڪندو، اي اين اي جو ڪم ڪلو ڪلو منشيات پڪڙڻ نه سپلاءِ ناهن ڪاٽڻ آهي، ننڍي وڏي ڪارروائي ته شهرن ۾ پوليس به ڪندي رهندي آهي. عدالت ڪوريئر ڪمپني جي مئنيجر جي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي روڪي ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.8 ° C
16.8 °
16.8 °
44 %
2.2kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون