سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گارڊ آف آنر وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي سپريم ڪورٽ پهچڻ تي اسلام آباد پوليس طرفان گارڊ آف آنر پيش ڪيو وڃي ها پر جسٽس گارڊ آف آنر وٺڻ کان انڪارڪيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پوليس کي پنهنجي ذميواري دل سان ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
چيف جسٽس جو سپريم ڪورٽ آمد تي عملي آڌرڀاءُ ڪيو.
ان موقعي تي عملي سان ڳالهائيندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اڄ سندس گهڻيون گڏجاڻيون ۽ فل ڪورٽ آهي، اوهان جو سهڪار گهرجي.