سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جيل سڌارن تي ذيلي ڪميٽي قائم ڪري ورتي، ڪميٽي پنجاب جي جيلن جو دورو ڪري رپورٽ تيار ڪندي.
جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جيل سڌارن بابت اجلاس ٿيو، ورچوئل اجلاس ۾ لاهور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عالم منير ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته احد چيماه ۽ خديجا شاهه به شريڪ ٿيا.
سپريم ڪورٽ جي پڌرنامي موجب چيف جستس جي سڌارن لاءِ ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي، آمنه قادر کي ڪميٽيءَ جو ڪوآرڊينٽر مقرر ڪيو ويو آهي، ميمبرن ۾ احد چيمه ۽ خديجا شاهه شامل هوندا.
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته جيل سڌارن بابت ڪميٽي پنجاب جي جيلن جا دورا ڪري رپورٽ تيار ڪندي، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ڪميٽيءَ کي مڪمل لاجسٽڪ سپورٽ فراهم ڪئي ويندي.