تازه ترين

سپريم ڪورٽ عدالتي فيصلن تي نظرثاني بابت قانون کي ڪالعدم قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ عدالتي فيصلن تي نظرثاني بابت قانون کي ڪالعدم قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو، فيصلي کانپوءِ پنجاب ۾ عام چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي پراڻي بئنچ ئي ڪري سگهندي، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته قانونسازي سان پارليامينٽ پنهنجا اختيار اورانگهيا آهن،  پارليامينٽ کي اهڙي قسم جي قانونسازي جو اختيار ئي ناهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي نظرثاني رڳو آئيني ترميمي سان ئي ممڪن آهي.

سپريم ڪورٽ، ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمنٽس ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ، ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمنٽس ايڪٽ ڪيس جو متفقه فيصلو ٻڌايو ويو آهي، سپريم ڪورٽ ريويو ايڪٽ آئين جي خلاف آهي جنهن جا تفصيلي سبب بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.

متفقه فيصلي ۾ چيو ويو ته پارليامينٽ اهڙي قانون سازي جو اختيار نٿي رکي، جسٽس منيب اختر جو اضافي نوٽ به متفقه فيصلي جو حصو آهي.

سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمنٽس ايڪٽ جو لکت ۾ حڪمنامو به جاري ڪيو ويو آهي، جسٽس اعجاز الاحسن 87 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو آهي.

فيصلي ۾ چيو ويو ته ڪنهن به قانون کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اختيار کي انتهائي احتياط سان استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ قانون کي هن وقت ڪالعدم قرار نه ڏيڻ گهرجي جڏهن ته هن جون شقون  آئين سان ملن ٿيون.

فيصلي موجب، ريويو آف ججمنٽس ملڪ جي آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهي، اهو ممڪن ناهي ته هن قانون کي آئين موجب قرار ڏنو وڃي، هنن آئين جي تحفظ ۽ بچاءَ جو قسم کنيو آهي.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ريويو اينڊ ججمنٽس ايڪٽ کي اهڙي طرح بڻايو ويو جيئن آئين ۾ ترميم ضروري هجي، جيڪڏهن هن قانون تحت اپيل جو حق ڏنو ويو آهي ته ڪيس ڪرڻ جو هڪ نئون سيلاب اچي ويندو، درخواست ڏيندڙ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا، هن ڳالهه کي سامهون رکڻ کانسواءِ جيڪو فيصلو ڏنو ويو آهي ان تي عمل ٿي چڪو آهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڇهن ٻڌڻين بعد 19 جون تي فيصلو محفوظ ڪيو هو

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
18 %
2.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون