تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سپريم ڪورٽ عدليه ۾ مداخلت روڪڻ بابت اسلام آباد  هائيڪورٽ جي ججن جون تجويزون پبلڪ ڪرڻ جو حڪم

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ عدليه ۾ مداخلت روڪڻ بابت اسلام آباد  هائيڪورٽ جي ججن جون تجويزون پبلڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته طئه ڪرڻو پوندو ته هو ڪنهن سياسي طاقت، حڪومت يا ڳجهي اداري هٿان استعمال نه ٿيندا، عدليه ۾ مداخلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، سندس ڪم ۾ مداخلت ٿئي ۽ نه روڪي سگهي ته بهتر آهي کيس گهر وڃڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ سميت عدليه کي سياسي مداخلت لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي عدليه کي پنهنجي رستي تي ڌڪڻ مداخلت آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني بئنچ اسلام آباد هائيڪورٽ جي ڇهن ججن کي خط تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس وضاحت ڪئي ته ٽي رڪني ڪميٽيءَ فيصلو ڪيو ته سمورن دستياب ججن تي ٻڌل بئنچ جوڙي وڃي، جسٽس يحيٰ آفريدي بئنچ کان ڌار ٿي ويو، فل ڪورٽ لاءِ ٻه جج دستياب ناهن. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل اسلام آباد هائيڪورٽ جون تجويزون پڙهي ٻڌايون. عدالت هائيڪورٽ جي ججن طرفان موڪليل تجويزون عام ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙيون شيون آهن جيڪي هائيڪورٽ جي اختيار واري دائري ۾ نه ٿيون اچن؟ سمورين هائيڪورٽن کان تجويزون گهريون آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي معذرت کي آسان معاملو نه سمجهو وڃي، هن نشاندهي ڪئي هئي ته شايد ايندڙ ٻڌڻي تي فل ڪورٽ هجي پر ٻه جج موجود نه هئا ان ڪري فل ڪورٽ نه ٺهي سگهي. هن چيو ته شايد ماڻهو عدليا جي آزادي کان وڌيڪ پنهنجي موقف ۾ دلچسپي رکن ٿا، اهو انتهائي ڏکوئيندڙ هو ته اڳوڻي چيف جسٽس تي تنقيد جا تير وسايا ويا. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪو پنهنجي مرضي عدالت تي مڙهڻ چاهي ٿو ته اُها به مداخلت آهي، مداخلت اندران ۽ ٻاهران ٿي سگهي ٿي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مداخلت ڳجهن ادارن، اوهان جي ساٿين، فيملي، سوشل ميڊيا يا ڪنهن ٻئي پاسي کان به ٿي سگهي ٿي. چيف جسٽس چيو ته ججن جو حڪم نامو ٻڌائي ٿو ته ڪيتري مداخلت ٿي ۽ ڪيتري آزادي آهي ڪيتري ناهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته لاهور هائيڪورٽ ان جي منظوري ڏني آهي، جيڪا اسلام آباد هائيڪورٽ چئي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته وٽن موقعو آهي ته ان معاملي کي حل ڪن، کين اندروني ۽ يا ٻاهريون دٻاءُ ختم ڪرڻو آهي، هائيڪورٽن ۽ عدليا کي بااختيار بڻائڻو آهي. جسٽس جمال مدوخيل چيو ته هنن نوٽيس ورتو ته ساڻن ڇا ٿي رهيو آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيوته کين مداخلت آڏو رنڊڪ بيهارڻي پوندي. چيف جسٽس چيو ته سندس ڪم ۾ مداخلت ٿئي ۽ نه روڪي سگهي ته بهتر آهي کيس گهر وڃڻ گهرجي. جسٽس اطهر من الله چيو ته رياست کي عدليا جي آزاديءَ جو تحفظ ڪرڻو آهي، هو اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ رهيو ڪنهن به مداخلت نه ڪئي، جسٽس بابر ستار سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀني آڏو آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اڄ تائين سندس ڪم ۾ ڪنهن به مداخلت ناهي ڪئي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ان جو مطلب ٿيو ته ماڻهو مداخلت ڪندا آهن  ڪٿي ڪامياب ٿين ٿا، ڪٿي نٿا ٿين، اهو جج تي آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هر جج ته ناهي بيهندو، کين نظام ٺاهڻو آهي، سول جج کي به خبر هجي ته نظام گڏ آهي ته اهو شينهن ٿي بيهندو. جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته ملڪ ۾ ٽي ايجنسيون آهن، اهي ڪهڙي قانون تحت ڪم ڪن ٿيون؟ هن چيو ته آءِ بي، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ ڪهڙي قانون تحت ٺهيون ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ٽنهي ايجنسين جا قانون ٻڌايا وڃن. جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪو جج جرئت ڪري ته ان خلاف ريفرنس اچي ويندو آهي، هو پاڻ پنهنجا دروازا ماڻهن لاءِ نه کولن ته ڪجهه به نه ٿيندو، هڪ جج جي ذاتي ڊيٽا کڻي مهم هلائي وئي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته دروازو کوليندڙن خلاف مس ڪنڊڪٽ جي ڪارروائ ڪئي وڃي. اٽارني جنرل پشاور هائيڪورٽ جي ججن جون تجويزون پڙهيون، جن ۾ چيو ويو ته پشاور جي ججن سان ايجنسين رابطو ڪيو، جڏهن قانون موجب فيصلو ڪيو ته افغانستان مان ڌمڪيون مليون. چيف جسٽس چيو ته فيض آباد ڌرڻو ڪيس جي فيصلي ۾ حڪومت کي قانون سازي ڪرڻ گهرجي ها، کين عدالتي فيصلن ذريعي بئنجن مان ڪڍيو ويو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هن فيض آباد ڌرڻو ڪيس ۾ لکي ڏنو هو ته جنرل فيض حميد ان جي پويان هو، اهو معاملو تڏهوڪي حڪومت تي ڇڏيو ويو هو، جڏهن ماڻهو پٽڙيءَ تان لهي وڃن ته قانون سازيءَ جي ضرورت پوندي آهي، حڪومت آخر ڪڏهن قانون سازي ڪندي؟ هن چيو ته  جيستائين پارليامينٽ مضبوط نه ٿيندي ٻيون طاقتون مضبوط ٿينديون وينديون. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جسٽس بابر ستار جي شڪايت ڪئي ته ساڻس ڇا ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته نه وٽن نه ئي وڪيلن وٽ جادوءَ واري لَٺ آهي، جنهن سان عدليا جي آزاد ٿئي، هي هڪ سفر  آهي ۽ جمهوريت به هڪ سفر آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته 2020ع ۾ ججن جي مقرريءَ لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو،  جنهن ۾ چيو ته هي انٽيليجنس جون رپورٽون آهن، ان اجلاس ۾ سندس نوٽ پڙهيو وڃي، ان وقت چيف جسٽس گلزار احمد هو. چيف جسٽس جي چوڻ تي اٽارني جنرل 2020ع جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ جسٽس فائز عيسيٰ جو نوٽ پڙهيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڳجهيون ايجنسيون جڊيشل ڪميشن جون ميمبر ناهن، انهن جي رپورٽ کي غور هيٺ نه آندو ويندو. چيف جسٽس چيو ته ڇا چيف جسٽس هڪ جج کي گهرائي ائين چئي سگهي ٿو ته هن ڪيس جو هي فيصلو ڪرڻو آهي؟ سول جج به اوترو ئي طاقتور هجڻ گهرجي جيترو چيف جسٽس آهي ۽   چيف جسٽس کي سول جج جي ڪم مداخلت جي جرئت نه هجڻ گهرجي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جڏهن هو مانيٽرنگ جج مقرر ڪن ٿا ۽ جي آءِ ٽي ٺاهن ٿا ته عدليا جي آزاديءَ کي گهٽ ڪن ٿا. چيف جسٽس چيو ته جي آءِ ٽي دهشتگردي جي خاتمي واري قانون کانسواءِ ٻيو ڪٿي به نه ٿي ٺهي سگهي. هن چيو ته هر قسم جي مداخلت ڀلي اها فون ڪال  ذريعي ئي ڇو نه هجي عدليا ۾ نه ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته ڇا ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت ڪيس ۾ پاڻ مداخلت نه ڪئي؟ کين عدليا اندر به احتساب جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سندس چيف جسٽس بڻجڻ بعد هڪ به شڪايت سندس رجسٽرار آفيس ۾ ناهي آئي هو ماضيءَ جي شڪايتن جو جائزو وٺي رهيا آهن. چيف جسٽس چيو ته سَلِيڪٽِوِ احتساب بدترين هوندو آهي، ماضيءَ ۾ جيڪو به ٿيو، هاڻي ته سچ ڳالهايو، جيڪڏهن کين رڳو الزام مڙهڻا آهن ته پوءِ سندن ڪو به مستقبل نه هوندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪيترائي واقعا هو ٻڌائي سگهي ٿو جڏهن مداخلت ٿي. چيف جسٽس چيو ته طئه ڪيو وڃي ته هو ڪنهن سياسي طاقت، حساس اداري، وڪيل گروپ يا حڪومت هٿان استعمال نه ٿيندا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته بار جي صدرن جي ججن جي چيمبر ۾ آمد به عدليا ۾ هڪ مداخلت  آهي. سپريم ڪورٽ ٻڌڻي جو حڪم نامو لکرايو ته پنجن ئي هائيڪورٽن پنهنجون تجويزون پيش ڪيون، اٽارني جنرل الزامن جو جواب ڏيڻ چاهي ٿو ته ڏئي سگهي ٿو. حڪم نامي ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن ڪنهن ڳجهي اداري جو نالو آيو ۽ اهو  اٽارني جنرل ذريعي جواب جمع ڪرائي سگهي ٿو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون