سپريم ڪورٽ طرفان نيب ترميمن جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي 16 مئي تي وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي اجازت ڏيندي نيب کان خرچن، اوڳاڙي، جوابدارن جي آزادي، سياسي ۽ سياسي وابستگي بابت رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف حڪومتي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جو خط سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، چيف جسٽس چيو ته خط موجب پي ٽي آءِ باني ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته فيصلو پي ٽي آءِ بانيءَ کي ڪرڻو آهي ته پاڻ پيش ٿيڻو آهي يا وڪيل ڪندو.
جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو ته کيس پيش ڪرڻ گهرجي، هو ڪيس ۾ ڌر آهي ان ڪري کيس پيش ٿيڻ جي حق کان روڪي نه ٿو سگهجي، هي معاملو نيب جو آهي.
چيف جسٽس چيو ته هي ڪنهن جي ذاتي حقن نه پر آئين جو معاملو آهي، هڪ شخص جيڪي پاڻ وڪيل به ناهي اهو کين مدد ڪيئن فراهم ڪندو؟
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سندن آرڊر هو ته هو پنهنجي وڪيل ذريعي دليل ڏئي سگهي ٿو، هو پنج منٽ ٻڌڻي ملتوي ڪري صلاح مشورا ڪن ٿا.
وقفي کانپوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته چيف جسٽس پي ٽي آءِ بانيءَ کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني.
چيف جسٽس هدايت ڪئي ته پي ٽي آءِ بانيءَ جي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جا انتظام ڪيا وڃن، اِها وڏي عجيب صورتحال آهي ته پي ٽي آءِ باني ڪيس ۾ درخواست ڏيندڙ هو ۽ هاڻي اپيل ۾ رسپانڊنٽ آهي پر سندس ڪا نمائندگي ناهي.
چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آءِ باني دليل ڏيڻ چاهي ٿو ته وڊيو لنڪ ذريعي دليل ڏئي سگهي ٿو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عدالتي عملي کان پڇاڻو ڪيو ته وڊيو لنڪ جو بندوبست ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟ اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ کان هڪ هفتي جي مهلت جي درخواست ڪئي.
چيف جسٽس پي ٽي آءِ بانيءَ جي درخواست منظور ڪندي وفاقي حڪومت کي خميس تي پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جا انتطام ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وڪيل مخدوم علي خان چيو ته وفاقي حڪومت جي ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، حڪومت متاثر ڌر آهي.
جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته وفاقي حڪومت ڪيئن متاثر ڌر آهي؟ چيف جسٽس چيو ته هي معاملو قانون ۾ ترميم جي شقن جو آهي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته بينظير ڪيس تحت هيءَ اپيل ته ٻڌڻيءَ جوڳي ئي ناهي، اڪثر ترميمون نيب آرڊيننس مان ورتيون ويون آهن، هائيڪورٽ جي فيصلن تحت به ترميمون ڪيون ويو آهن، عدالت متاثر ڌر جي تعريف ڪري چڪي آهي.
چيف جسٽس چيو ته صدر کي آرڊيننس جاري ڪرڻ لاءِ سبب لکڻ گهرجن.
مخدوم احمد خان صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ بابت آئيني شقون پڙهيون، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن صدر مطمئن هجي ته آرڊيننس جاري ڪيو ويندو آهي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته نيب جو سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي، جسٽس جمال مدوخيل چيو ته حڪومت کي سبب پيش ڪرڻا آهن ته آرڊيننس جاري ڪرڻ ضروري آهي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته برگيڊيئر اسد منير آپگهات ڪيس جو نوٽ ڪافي آهي، هي بنيادي انساني حقن جي ڳالهه آهي، سپريم ڪورٽ جي يارهن رڪني لارجر بئنچ اهڙيون درخواستون ٻڌي چڪي آهي.
وڪيل مخدوم علي خان چيو ته جڏهن نيب ترميمن خلاف درخواست ٻڌي وئي ان وقت پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ معطل هو، جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته درخواست ۾ ڪا اهڙي شيءِ چئلينج ڪئي وئي جيڪا آئين جي خلاف هجي؟
جسٽس اطهر مان الله چيو ته اهم سوال اهو آهي جيڪو جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ اٿاريو آهي.
هن چيو ته جيڪي 25 ريفرنس واپس ٿيا انهن جو ٽرائل ڪٿي ٿيندو؟ ڇا اها صوبائي خودمختياريءَ ۾ مداخلت ناهي؟ 1999ع ۾ نيب جي طريقيڪار سان انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا نيب ملڪ ۾ ڪنهن آڏو جوابده آهي؟
جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪرپشن هڪ مسئلو آهي، جنهن ۾ نيب مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، نيب ٻڌائي ته ڏهن ورهين دوران گهڻن سياستدانن خلاف ڪيس هلايا ويا، گذريل سئو ورهين ۾ ڪيترين سياستدانن کي قيد ڪيو ويو؟
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فاروق ايڇ نائڪ کي روسٽرم تي گهرايو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته نيب 3 سال هڪ شخص کي جيل ۾ رکيو، جسٽس اطهر من الله چيو ته ماڻهن سان وڏو ظلم ٿئي ٿو.
بعد ۾ چيف جسٽس ٻڌڻيءَ جو حڪم نامو لکرايو.
حڪم نامي ۾ چيو ويو ته نيب کان پڇيو ويو ته اها اپيل جي حمايت ڪري ٿي يا مخالفت؟ نيب طرفان چيو ويو ته هو اپيلن جي حمايت ڪن ٿا.
عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته سينيئر وڪيل خواجه حارث کي نوٽيس جاري ڪيو وڃي ٿو، مخدوم علي خان جي دليلن جي فاروق ايڇ نائڪ حمايت ڪئي.
حڪم نامي موجب وفاقي ۽ پنجاب حڪومت وڊيو لنڪ تي پي ٽي آءِ باني جي حاضري يقيني بڻائي.
عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي طرفان اپيل جي مخالفت ڪئي وئي، اٽارني جنرل ۽ ٻين چئن ايڊووڪيٽ جنرلن اپيلن جي حمايت ڪئي.
سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته حڪمنامي جي ڪاپي خواجه حارث ۽ پي ٽي آءِ بانيءَ ڏانهن موڪلي وڃي.
عدالت نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي سورهن مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………..