سپريم ڪورٽ ايندڙ هفتي جو عدالتي روسٽر جاري ڪيو ويو آهي، مختلف ڪيسن جي ٻڌڻيءَ لاءِ 8 بئنچون جوڙيون ويون آهن.
هڪ بئنچ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال تي ٻڌل هوندي، ٻي بئنچ ۾ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس اطهر من الله شامل هوندا، ٽئين بئنچ جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس عرفان الله سعادت تي ٻڌل آهي.
عدالتي روسٽر موجب چوٿين بئنچ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس مسرت هلال ۽ جسٽس ملڪ شهزاد شامل هوندا، پنجين بئنچ ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ ڇهين بئنچ ۾ جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عقيل عباسي شامل هوندا .
ستين بئنچ جستس شاهد وحيد ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي ٻڌل هوندي، جڏهن ته اٺين بئنچ ۾ جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس مظهر عالم ميان شامل هوندا