تازه ترين

سپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست منظور ڪندي ڏهن مان 9 ترميمون ڪالعدم قرار

سپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست منظور ڪندي ڏهن مان 9 ترميمون ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيون، عدالت 50 ڪروڙ جي حد کان گهٽ وارا ختم ٿيل سمورا ڪيس به بحال ڪري ڇڏيا.

چيف جسٽس عمر عطابنديال پنهنجي مدي جي آخري ڏينهن نيب ترميمن خلاف داخل پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست جو فيصلو ٻڌايو.

عدالتي فيصلو  ٻه هڪ جي اڪثريت سان ٻڌايو ويو آهي.

جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو ته عوامي عهدن تي ويٺل سمورن ماڻهن جا ڪيس بحال ڪيا وڃن ٿا، عوامي عهدن جا ريفرنس ختم ٿيڻ بابت نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏنيون وڃن.

عدالت فيصلي ۾ نيب ترميمن جي سيڪشن ڏهه ۽ سيڪشن چوڏهن جي پهرين ترميم به ڪالعدم قرار ڏني.

سپريم ڪورٽ 50 ڪروڙ جي حد کان گهٽ هجڻ تي ختم ٿيندڙ ڪيس بحال ڪري ڇڏيا.

فيصلي ۾ چيو ويو ته سموريون ختم انڪوائريون ۽ ڪيس بحال ڪيا وڃن ٿا، ڪيس نيب  ۽ احتساب عدالتن ۾ ٻيهر مقرر ڪيا وڃن.

سپريم ڪورٽ  ڏهن مان 9 ترميمون ڪالعدم قرار ڏيندي نيب کي ستن ڏينهن ۾ سمورو رڪارڊ لاڳاپيل عدالتن ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت چيو ته پلي بارگين بابت ڪيل نيب ترميم ڪالعدم قرار ڏني وڃي ٿي، احتساب عدالتن جا نيب ترميمن تحت ڏنل حڪم به ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا.

فيصلي ۾ چيو ويو ته نيب ترميمن سان عوامي مفادن جي آئين ۾ داخل حق متاثر ٿيا، نيب ترميمن تحت بند ڪيل سموريون انڪوائريون بحال ڪيون وڃن.

فيصلي ۾ جسٽس منصور علي شاهه اختلافي نوٽ به لکيو آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,173FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
28 %
0.6kmh
0 %
ڇنڇر
20 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون