سپريم ڪورٽ نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف تحريڪ انصاف چيئرمين جي درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي نيب ترميمن جي ڏهن مان 9 ترميمون ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيون.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ چيف جسٽس چيو ته ليڊيز اينڊ جينٽلمين ٻه، هڪ جي اڪثريت سان فيصلو ڏئي رهيا آهن.

سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ۾ شامل جسٽس منصور علي شاهه فيصلي تي اختلاف ڪيو آهي.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب ترميمن خلاف داخل درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏنو ويو آهي، نيب جي دائري مان 50 ڪروڙ رپين تائين جا ريفرنس خارج ڪرڻ جي نيب شق کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته سروس آف پاڪستان خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي شقن کي برقرار رکيو ويو آهي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته عوامي عهدن تي ويٺل سمورن ماڻهن جا ڪيس بحال ڪيا وڃن ٿا، عوامي عهدن تي ريفرنس جي خاتمي بابت نيب ۾ ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، نيب جي ترميم جي سيڪشن 10 ۽ سيڪشن 14 جي پهرين ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

عدالت 50 ڪروڙ رپين جي حد کان گهٽ تي ختم ڪيل سمورا ڪيس بحال ڪري ڇڏيا.

عدالت چيو ته بند ڪيل سمورن انڪوائرين ۽ ڪيسن کي بحال ڪيو وڃي ٿو، سمورا ڪيس نيب عدالتن ۽ احتساب عدالتن ۾ مقرر ڪيا وڃن.

سپريم ڪورٽ نيب ترميمن جي ڏهن مان 9 ترميمون ڪالعدم قرار ڏنيون آهن ۽ عدالت نيب کي ستن ڏينهن اندر سمورو رڪارڊ لاڳاپيل عدالتن کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت چيو ته پلي بارگين بابت نيب جي ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، نيب ترميمن جي روشني ۾ احتساب عدالتن جا حڪم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا.

نيب ترميمون ڪالعدم ٿيڻ سان اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف، نواز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشاخانه ڪيس بحال ٿي ويا.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف پنڪ ريذيڊنسي ريفرنس، شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين جي ۽ شوڪت ترين خلاف ريفرنس به بحال ٿي ويا.

اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ اومني گروپ جي عبدالغني مجيد ۽ انور مجيد جا ڪيس به بحال ٿي ويا.

ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين نيب ترميمن خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي 53 ٻڌڻيون ڪيون.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 5 سيپٽمبر تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو ۽ ان حوالي سان جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هو رٽائرمينٽ کان اڳ هن اهم ڪيس جو فيصلو ڪري ويندو.

سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه شامل آهن.

پارليامينٽ نيب قانون جي سيڪشن 2، 4، 5، 6، 25 ۽ 26 ۾ ترميم ڪئي هئي ان کاسواءِ نيب قانون جي سيڪشن 14، 15، 21 ۽ 23 ۾ به ترميم ڪئي وئي هئي……

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
29%
1.9m/s
0%
آچر
9 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون