تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ نيب ترميمون بحال ڪري ڇڏيون

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ حڪومت جي انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ڪندي نيب قانون ۾ ترميمن کي بحال ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ نيب ترميم ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي نيب ترميمون بحال ڪري ڇڏيون. سپريم ڪورٽ نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف اپيلن تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نيب ترميمن بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته تحريڪ انصاف باني ثابت نه ڪري سگهيو ته نيب ترميمون غير آئيني آهن. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ کي قانون سازي کي هر ممڪن صورت ۾ برقرار رکڻ گهرجي، نيب ترميمن کي آئين خلاف ثابت ناهي ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب، عدالت ۽ جج پارليامينٽ لاءِ گيٽ ڪيپر جو ڪردار ادا نه ڪري سگهيا، پارليامينٽ ۽ عدليا جو آئين ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار واضح آهي، تفصيلي فيصلو سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويندو. جسٽس اطهر من الله حڪومت جي اپيل خارج ڪري ڇڏي ۽ اضافي نوٽ ۾ لکيو ته حڪومت جي اپيل نه ٻڌڻ جوڳي آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي به اضافي نوٽ لکيو جنهن ۾ هن فيصلي سان اتفاق ڪيو پر سببن سان اختلاف ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
17 %
4.4kmh
0 %
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون