- Advertisement -
سپريم ڪورٽ حڪومت جي انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ڪندي نيب قانون ۾ ترميمن کي بحال ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ نيب ترميم ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي نيب ترميمون بحال ڪري ڇڏيون.
سپريم ڪورٽ نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف اپيلن تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نيب ترميمن بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته تحريڪ انصاف باني ثابت نه ڪري سگهيو ته نيب ترميمون غير آئيني آهن.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ کي قانون سازي کي هر ممڪن صورت ۾ برقرار رکڻ گهرجي، نيب ترميمن کي آئين خلاف ثابت ناهي ڪيو ويو.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب، عدالت ۽ جج پارليامينٽ لاءِ گيٽ ڪيپر جو ڪردار ادا نه ڪري سگهيا، پارليامينٽ ۽ عدليا جو آئين ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار واضح آهي، تفصيلي فيصلو سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويندو.
جسٽس اطهر من الله حڪومت جي اپيل خارج ڪري ڇڏي ۽ اضافي نوٽ ۾ لکيو ته حڪومت جي اپيل نه ٻڌڻ جوڳي آهي.
جسٽس حسن اظهر رضوي به اضافي نوٽ لکيو جنهن ۾ هن فيصلي سان اتفاق ڪيو پر سببن سان اختلاف ڪيو.- Advertisement -
