سپريم ڪورٽ چونڊ اعتراضن واري ڪيس ۾ قاسم سوريءَ جي طلبي جو اشتهار جاري ڪرڻ جو حڪم

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ چونڊ اعتراضن واري ڪيس ۾ قاسم سوريءَ جي طلبي جو اشتهار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري کي ڊي سيٽ ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. قاسم سوري سپريم ڪورٽ جي طلبي تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيش نه ٿيو. عدالت قاسم سوري جي طلبي جو اشتهار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ طلبي جو نوٽيس قاسم سوري جي گهر ٻاهران به لڳائڻ جو چيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته رڪارڊ موجب قاسم سوري جي ڀاءُ بلال نوٽيس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪيو،  اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر ڄاڻي واڻي سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿي رهيو آهي، قاسم سوري طرفان نوٽيس وصولي کان پاسو بدقسمتي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، قاسم سوري جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جو اصيل ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي متحرڪ آهي، جنهن تي وڪيل نعيم بخاري جواب ڏنو ته هو ته ٽي وي ناهي ڏسندو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته اوهان پاڻ ٽي وي جي شخصيت آهيو ۽ ٽي وي ناهيو ڏسندا، ڇا اوهان ايڪس ۽ ٽوئيٽر کان واقف آهيو؟، جنهن تي نعيم بخاري چيو ته هو سوشل ميڊيا استعمال ڪندو آهي نه ئي کيس استعمال ڪرڻ ايندي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اوهان پاڻ کي پيرسن ڇو سمجهي رهيا آهيو، جوان ۽ اپ ٽو ڊيٽ رهو، جنهن تي وڪيل نعيم بخاري جواب ڏنو ته پيرسن ته هاڻي ٿي چڪي آهيان. جسٽس عرفان سعادت رمارڪس ڏنا ته هڪ ٽي وي پروگرام ۾ اوهان چيو هو ته دوست پيرسن ٿيڻ نٿا ڏين. وڪيل نعيم بخاري چيو ته سندس قاسم سوري سان ڪوبه رابطو ناهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته ايندڙ ٻڌڻي جولاءِ ۾ رکندا، عدالتي حڪم ۾ تاريخ مقرر ڪندا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
27%
2.7m/s
84%
اڱارو
21 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون