پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آحي ته سپريم ڪورٽ کان اهڙي فيصلي جي ئي اميد هئي، افتخار چوڌريءَ کانپوءِ جيترا به جج آيا انهن جي ڪارڪردگيءَ تي فيصلو تاريخ ڪندي، نيب آمر جو ٺاهيل ادارو آهي، ان کي بند ٿيڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن فوري طور چونڊن جي تاريخ ڏي، چونڊن جي اعلان سان سياسي عدم استحڪام ختم ٿي سگهي ٿو، ليول پليئنگ فيڊل جي شڪايت هڪ سياسي پارٽيءَ سان آهي، سمورا مسئلا حل ٿي ويندا ته هو کليل نموني ڳالهائيندو، پ پ رڳو انهن سياستدانن سان ڳالهيون ڪندي، جيڪي 9 مئي ۾ ملوث ناهن.
لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيب سندن لاءِ ڪا نئين شيءِ ناهي، هو ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن، نيب آمر جو ٺاهيل ادرو آهي، ان کي بند ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ کان اهڙي ئي فيصلي جي اميد هئي، افتخار چوڌريءَ کانپوءِ جيترا به جج آيا انهن جي ڪارڪردگيءَ تي فيصلو تاريخ ڪندي.
هن چيو ته وڪيلن جي تحريڪ بعد افتخار چوڌريءَ طرفان بحال ڪيل ججن ۾ عمر عطا بنديال آخري جج هو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن ڪميشن فوري طور چونڊن جي تاريخ ڏي، چونڊن جي اعلان سان سياسي عدم استحڪام ختم ٿي سگهي ٿو.
پ پ چيئرمين واضح ڪيو ته ليول پليئنگ فيڊل جي شڪايت هڪ سياسي پارٽيءَ سان آهي، سمورا مسئلا حل ٿي ويندا ته هو کليل نموني ڳالهائيندو، ليول پليئنگ فيلڊ بابت شڪايتون ختم ڪرائڻ جي ذميواري آصف زرداري کي ڏني وئي آهي.
هن چيو ته کين ليول پليئنگ فيڊل فراهم ڪئي وڃي، هو عوامي خدمت جو جذبو رکن ٿا، ان لاءِ ڪڏهن مايوس ناهن ٿيندا، ٽي وي تي ڪنهن جا چهرا مايوس نظر اچي رهيا آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ چيئرمين چيوته 9 مئي کان اڳ هو پي ٽي آءِ سان ڳالهين جا حامي هئا، چونڊن تي اتفاق ٿي وڃي ها ته اهو سياسي پارٽين ۽ جمهوريت لاءِ بهتر هو، پر پي ٽي آءِ جي ڪجهه ماڻهن 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو ۽ جناح هائوس سميت فوجي ٿاڪن تي حملي جو پلان جوڙيو، پ پ رڳو انهن سياستدانن سان ڳالهيون ڪندي، جيڪي 9 مئي ۾ ملوث ناهن.
پ پ چيئرمين چيو ته 9 مئي واقعو ريڊ لائن ڪراس ڪرڻ وارو واقعو هو، هاڻي ان کي سياسي يا انتظامي طور جيئن حل ڪرڻو آهي.
بلاول ڀٽو زردري چيو ته ڪو غلط فهمي ۾ نه رهي ته پ پ هڪ صوبي تائين پاڻ کي محدود سمجهي ٿي، 2013ع ۾ غير جمهوري طريقي سان کين پنجاب ۾ ڪڍيو ويو، پنجاب مان ڪڍندڙ اڄ نقصان ڀوڳي رهيا آهن، سندن هڪ اتحاديءَ بابت چيو ويندو آهي ته ڏکيائي ۾ هوندا آهن ته پير پڪڙيندا آهن ۽ ڏکيائي ۾ نه هجن ته ڳلو پڪڙن ٿا…