تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچون جوڙڻ لاءِ جسٽس امين الدين خان جي چيمبر ۾ ٿيل ٿيل ۾ آرٽيڪل 191ايَ تحت ڪيسن جي ڪلر ڪوڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچون جوڙڻ لاءِ جسٽس امين الدين خان جي چيمبر ۾ ٿيل ٿيل ۾ آرٽيڪل 191ايَ تحت ڪيسن جي ڪلر ڪوڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچون جوڙڻ بابت جسٽس امين الدين خان جي چيمبر ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بئنچن جي معاملن جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪم جي طريقيڪا سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. گڏجاڻي ۾ جسٽس امين الدين کي التوا هيٺ آئيني ڪيسن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته آرٽيڪل 184 جي ذيلي شق هڪ، آرٽيڪل 184 جي ذيلي شق 3 جا ڪيس التوا هيٺ آهن. اجلاس ۾ 26هين آئيني ترميم کانپوءِ آرٽيڪل 191 ايَ تحت ڪيسن جي ڪلر ڪوڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سينيئر ريسرچ آفيسر مظهر علي خان کي آرٽيڪل 199 جي ڪيسن جي ڇنڊڇاڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ڪيس ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪرڻ ۽ بئنچ جو فيصلو  ٻن سينيئر ميمبرن جي صلاح مشوري سان ٿيندو. جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر تي ٻڌل ڪميٽي آئيني بئنچ ٺاهيندي ۽ ايندڙ اجلاس بعد شيڊيول ڪيو ويو ويندو. پڌرنامي موجب ٽه رڪني ججن واري ڪميٽي گهٽ ۾ گهٽ پنجن ججن تي ٻڌل آئيني بئنچ ٺاهيندي پر ڪميٽيءَ جو ميمبر جج پرڏيهه ۾ آهي، ان جي واپسيءَ تي اجلاس ٿيندو. جاري ڪيل پڌرنامي موجب 6 نومبر جي آئيني بئنچن بابت اجلاس جي ميٽنگ جا منٽ جاري ڪيا، 6 نومبر جو اجلاس ڪميٽي ميمبر جسٽس جمال مندوخيل جي عدم دستيابي تي ملتوي ڪيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
42 %
3.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون