سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي دوران جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏيندي چيو ته عالمي قانونن ۾ ڪٿي به اهو ناهي لکيل ته شهرين جو ڪورٽ مارشل نٿو ٿي سگهي.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران 9 مئي جي جوابدار ارزم جنيد جي وڪيل سلمان اڪرم راجا پنهنجا دليل جاري رکندي چيو ته هو اڄ پنهنجا دليل مڪمل ڪري ڇڏيندو، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اڌ ڪلاڪ ۾ دليل مڪمل ڪريو ته بهتر ٿيندو
وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته هو جيڪو چوڻ چاهي ٿو اهو چوڻ ڏيو ته جيئن يارنهن تائين مڪمل ڪري وٺي، سادن لفظن ۾ ڳالهه ڪريان ته عام شهرين جي بنيادي حقن کي ختم ڪري ڪورٽ مارشل نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته شهرين جو ڪورٽ مارشل شفاف ٽرائل جي عالمي گهرجن جي به ڀڃڪڙي آهي، عالمي گهرج آهي ته ٽرائل کليل عدالت ۾ آزاد ۽ شفاف نموني سان ڪيو وڃي.
وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته عالمي قانونن موجب ٽرائل جا فيصلا پبلڪ ٿيڻ گهرجن، سڄي دنيا ۾ فوجي ٽربيونلز جي فيصلن خلاف اپيلون عدالتن ۾ وڃن ٿيون، يورپي ڪورٽ جي فيصلي ڪيترن ئي ملڪن کي ڪورٽ مارشل جو طريقو تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته عالمي اصولن تي عمل نه ٿيو ته نتيجو ڇا ٿيندو؟، سلمان اڪرم راجا جواب ڏنو ته عالمي اصولن تي عمل نه ڪرڻ جو مطلب آهي ته ٽرائل شفاف ناهي.
جسٽس جمال مندوخيل سوال اٿاريو ته ڪو ملڪ جيڪڏهن عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ڇا ٿيندو؟، سلمان اڪرم راجا جواب ڏيندي چيو ته ڪجهه عالمي اصولن کي مڃڻ جا پابند هوندا آهن ۽ ڪجهه جا ناهن، شفاف ٽرائل جي آرٽيڪل 10 اي کي عالمي اصولن جي روشني ۾ ئي آئين جو حصو بڻايو ويو.
جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته عالمي اصولن ۾ ڪٿي به اهو لکيل ناهي ته سويلين جو ڪورٽ مارشل نٿو ٿي سگهي.
وڪيل سلمان اڪرم راجا موقف اختيار ڪيو ته برطانيا ۾ ڪورٽ مارشل فوجي نه پر آزاد ججن ذريعي ڪيو ويندو آهي، ايف بي علي ڪيس جي وقت آئين ۾ اختيارن جي ورهاست جا اصول نه هئا، پهريان ڊپٽي ڪمشنر ۽ مختيارڪار فوجداري ٽرائلز ڪندا هئا، چيو ويو ته جيڪڏهن ڊي سي فوجداري ٽرائل ڪري سگهي ٿو ته ڪرنل به ڪري سگهي ٿو.
سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته سمورا ملڪ عالمي اصولن تي عمل جي رپورٽ گڏيل قومن ۾ پيش ڪندا آهن، گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميٽي رپورٽ جو جائزو وٺي پنهنجي راءِ ڏيندي آهي.
هن چيو ته گذريل سال آڪٽوبر ۽ نومبر جي اجلاسن ۾ جنهن پاڪستان جي فوجي انصاف واري نظام جو جائزو ورتو، گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميٽي پاڪستان ۾ شهرين جي ڪورٽ مارشل تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميٽي موجب پاڪستان ۾ فوجي عدالتون آزاد نه آهن، رپورٽ ۾ حڪومت کي فوجي حراست ۾ موجود ماڻهن کي ضمانت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
هن چيو ته يورپي ڪميشن موجب 9 مئي تي احتجاج ڪندڙن جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ درست ناهي، يورپي يونين ئي پاڪستان کي جي ايس پي پليس اسٽيٽس ڏني آهي.
وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته جسٽس يحيٰ آفريدي اختلافي نوٽ ۾ اهي ئي نقطا اٿاريا آهن، هزارين ماڻهن جو ٽرائل دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي سگهي ٿو ته 105 جو ڇو نه؟
ٻڌڻي دوران سلمان راجا ۽ جسٽس نعيم اختر افغان وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي.
وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته برطانيا ۾ هڪ فيڊلي نالي فوجي جو ڪورٽ مارشل ٿيو، يورپين ڪورٽ آف هيومن رائيٽس سندس فوجي ٽرائل ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، فيڊلي ذهني دٻاءُ جو شڪار هو، هن فائرنگ ڪئي.
جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته فيڊلي جي فائرنگ سبب هڪ ٽي وي به ٽٽي پئي هئي، 9 مئي جي واقعن ۾ به هڪ ٽي وي ٽوڙي وئي.
وڪيل سلمان راجا چيو ته جنهن 9 مئي جي واقعن ۾ ٽي وي ٽوڙي، هن جي ان سان ملاقات ٿي، هو ويچارو شرم ۾ ٻڏل هو، ٽي وي ٽوڙيندڙ غريب چار درجا پاس بيروزگار هو، سندن معاشري اهڙن ماڻهن کي ڇا ڏنو.
جسٽس امين الدين خان چيو ته انفرادي ڳالهه نه ڪريو.
جسٽس جمال خان مندوخيل سلمان راجا کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان فيڊلي سان به ملاقات ڪئي؟.
جسٽس نعيم اختر افغان مسڪرائيندي رمارڪس ڏنا ته نه سلمان اڪرم راجا پاڪستاني فيڊلي سان مليو آهي.
جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته اوهان چيو ته اصيل فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏندو هو، 9 مئي واري ڏينهن هو ڪرڪيٽ کيڏڻ ته نه ويو هو.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جنهن قانون تحت ڪلڀوشن کي اپيل جو حق ڏنو ويو اهو قانون ڇا سندن سامهون آهي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته هو اهو قانون رڪارڊ تي آڻيندو.
جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته اهو قانون رڳو ڪلڀوشن لاءِ آندو ويو.
جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته هتي ٻيا ڪيترائي ڪلڀوشن آهن.
ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته ڪلاسيفڪيشن جي اجازت ته ايف بي علي ۾ به موجود آهي.