تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ٻڌڻي لاءِ مقرر ، 15 رڪني فل بينچ اڄ ٻڌڻي ڪندي

سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، 15 رڪني فل بينچ اڄ ٻڌڻي ڪندي.

فل ڪورٽ جي سربراهي چيف جسٽس قاضي فائز عيسى ڪندو، جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس سيد منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيحى آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس جمال خان مندو خيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه اي، جسٽس اطهر من الله، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽جسٽس شاهد وحيد فل ڪورٽ جو حصو هوندا.

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي هن وقت تائين 5 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، 13 اپريل تي پهرين ٻڌڻي ۾ ئي قانون تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو ويو جڏهن ته 2 مئي، 8 مئي، پهرين جون ۽ 8 جون تي به ڪيس ٻڌڻي لاءِ لڳو هو.

ايڪٽ تحت پاڻمرادو نوٽيسَ ۽ بيچ جوڙڻ جو اختيار چيف جسٽس کان وٺي ڪري ٽن سينئر ججن تي ٻڌل ڪميٽي کي ڏنو ويو، ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ ۽ سڌيءَ ريت درخواستون وٺڻ جو اختيار به ڪميٽي حوالي ڪيو ويو آهي.

قانون موجب پاڻمرادو نوٽيسز جي فيصلن سان متاثر ڌر کي هڪ مهيني اندر اپيل جو حق ڏيڻ ۽ وڪيل تبديل ڪرڻ جي اجازت به ڏني وئي آهي، ايڪٽ ۾ ون ٽائيم پرويزن تحت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني کان علاوه جهانگير ترين کي اپيل جو حق ملي ويو هو.

پاڻمرادو نوٽيس جي ڪيس ۾ ماضي جي فيصلن تي به اپيل جو حق ڏنو ويو آهي….

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون