سپريم ڪورٽ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ  26هين آئيني ترميم خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙن طرفان وڪيل حامد خان عدالت ۾ پيش ٿيو. ايڊووڪيٽ حامد خان طرفان آئيني درخواست واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، حامد خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جون خدمتون رڳو درخواست واپس وٺڻ لاءِ حاصل ڪيون ويون آهن، درخواست 6 وڪيلن داخل ڪئي هئي، اهي پاڻ به چئي سگهن پيا درخواست واپس وٺڻ چاهن ٿا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪندي چيو ته اوهان رڳو اعتراضن خلاف درخواست واپس وٺي رهيا آيو يا اصل درخواست به؟، جنهن تي وڪيل حامد خان چيو ته درخواست ۽ اعتراضن خلاف ٻئي درخواستون واپس وٺي رهيا آهن. عدالت  26هين آئيني ترميم خلاف درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
49%
2.4m/s
1%
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
36 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون