- Advertisement -
سکر بئراج جا ڪينال بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ايندڙ سال 6 جنوري کان 20 جنوري تائين بئراج مان نڪرندڙ سمورا ڪينال بند رهندا.
چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بينڪ ريجن سکر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، سکر بئراج جي ڪمانڊ ايريا جي آبادگارن کي آگاھه ڪيو وڃي ٿو ته نارٿ ويسٽ ڪينال، دادو ڪينال، خيرپور فيڊر ايسٽ ڪينال، خيرپور فيڊر ويسٽ ڪينال، روهڙي مين ڪينال ۽ نارا ڪينال 6 جنوري 2025ع کان بند رهندا.
چيف انجنيئر سکر بئراج جو چوڻ آهي ته سکر بئراج جا سمورا ڪينال 6 جنوري کان 20 جنوري 2025 تائين معمول جي سار سنڀال ۽ بنيادي ڍانچي جي ضروري مرمت لاءِ بند رهندا.
هن چيو ته بئراج پونڊ ليول 6 جنوري 2025 کان گھٽجڻ شروع ٿي ويندي.
چيف انجنيئر سکر بئراج چيو ته20 جنوري 2025ع تي پونڊ ليول سطح ٻيهر مٿي ٿيڻ شروع ٿيندي……- Advertisement -
