سکر بئراج جي ٽٽل دروازي جي چوڌاري بند ٻڌي مرمت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سکر بئراج تي پاڻيءَ جو ڇوڙ گهٽائڻ لاءِ چشما بئراج وٽان 55 هزار ڪيوسڪ پاڻي روڪيو ويو.
چشما بئراج وٽان هڪ لک 95 هزار ڪيوسڪ پاڻي هلي رهيو هو جيڪو گهٽائي هڪ لک 40 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي.
سکر بئراج وٽ وهڪري ۾ 10 هزار ڪيوسڪ لاٿ کانپوءِ 95 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو هلي رهيو آهي.
چشما وٽان روڪيل پاڻي جي لاٿ وارو عمل چئن کان پنجن ڏينهن ۾ ٿيندو.
سکر بئراج جي دروازي جي ٻيهر بحالي وارو ڪم به جاري آهي.
شروعاتي طور بند ٻڌي دروازي طرف ايندڙ پاڻي کي مڪمل روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
دروازي مان پاڻي ختم ڪرڻ واري عمل کانپوءِ ٻيهر ٺاهڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويندو.