تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

سکر بئراج جي گيٽ جو ڪم جاري آهي، واهن ۾  20 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ برقرار

سکر بئراج جي گيٽ جو ڪم جاري آهي، واهن ۾  20 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ برقرار آهي.

24ڪلاڪن ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهچڻ باوجود سکر بئراج جي واهن ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آهي.

63هزار 400 ڪيوسڪ  پاڻي گهرج مان واهن کي رڳو 51 هزار 110 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.

سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 15 هزار 5 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو63 هزار 895 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 70 هزار 107 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 29 هزار 488 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ 33 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ برقرار آهي.

ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 24 هزار 750 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1485 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

سکر بئراج جي کيرٿر ڪئنال کي پاڻي گهر 8 هزار 475 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته واهه ۾ رڳو 4 هزار 950 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي.

رائيس ڪئنال کي پاڻي گهرج 14 هزار 355 ڪيوسڪ آهي ۽ ڪئنال کي 12 هزار 200 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.

دادو ڪئنال کي 5 هزار 837 ڪيوسڪ بدران 2 هزار 5 سئو ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.

خيرپور فيڊر ايسٽ کي 2 هزار 25 ڪيوسڪ مان 1960 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.

روهڙي ڪئنال کي 16 هزار 963 ڪيوسڪ مان 13 هزار 900 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي.

خيرپور فيڊر ويسٽ کي 2 هزار 20 گهرج مان 1600 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.

نارا ڪئنال کي ئي رڳو گهرج موجب پاڻي ملي رهيو آهي.

سکر بئراج وٽ واهن کي پاڻي نه ملڻ جو سبب گيٽ نمبر 47 جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ آهي.

آبپاشي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڻي ۾ واڌ سبب گيٽ نمبر 47 تي ٻڌل عارضي بند پڻ ڪمزور ٿي رهيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون