سکر جي عدالت صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ جاچ آفيسر جي گرفتار ٽن مددگارن جي وڌيڪ 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي جوابدارن کي ڇهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ون جو جج عبدالرحمان قاضي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ڊي ايس پي سي ٽي ڊي عبدالقدوس ڪلوڙ گرفتار ٽن جوابدارن بخشل عرف بخشو ،بابر مهر ۽ منور مهر کي سخت پهري ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو.
ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر جوابدارن کان وڌيڪ جاچ لاءِ 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي.
جاچ آفيسر جي گرفتار ٽن مددگارن جي وڌيڪ 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي جوابدارن کي ڇهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو………….