تازه ترين

سکر ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سگرار واسڻ ٻارڙي پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريلي

سکر ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سگرار واسڻ ٻارڙي پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ناياب سرڪش، پنهل ساريو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2 سال گذرڻ باوجود پوليس اڃا تائين ٻارڙي پريا ڪماري کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي.

هنن چيو ته ايس ايس پي سکر 10 محرم الحرام تي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائيڻ جي دعويٰ ڪئي هئي جيڪا پوري نه ٿي سگهي.

سندن چوڻ هو ته پريا ڪماري جي امڙ جي جهولي اڄ به خالي آهي ۽ سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون