تازه ترين

سڪرنڊ: معصوم ھير باگڙي قتل جو مک جوابدار مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو

- Advertisement -
سڪرنڊ جي اصغر ڪالوني ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل معصوم نياڻي هير باگڙي جو قاتل سندس ويجهو مائٽ اوم پرڪاش باگڙي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. ايس ايڇ او سڪرنڊ اڪبر علي چني ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار اوم پرڪاش باگڙي جي گرفتاري لاءِ اصغر ڪالوني ٽو ۾ ڇاپو هنيو ته جوابدار پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪئي ۽  اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو. سندس چوڻ هو ته مارجي ويل جوابدار وٽان معصوم نياڻي ھير باگڙي جون سون جون واليون پڻ ھٿ آيون آھن. ھن چيو ته جنھن ڏينھن معصوم نياڻي دوڪان تان شي وٺڻ وئي ھئي انھي وقت جي سي سي ٽي وي ۾ جوابدار نياڻي کي گڏ وٺي ويندي نظر اچي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته سي سي ٽي وي جي آڌار تي جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي وئي ۽ پوليس مسلسل جاچ ۾ رڌل هئي ۽ اڄ پنهنجي انجام تي پهچي ويو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مارجي ويل جوابدار جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
19 %
4.5kmh
8 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون