سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي 16 شهيدن جي 41 هين ورسي ملهائي وڃي.
41 سال اڳ آمر ضياءَ جي بدترين آمريت خلاف جدوجهد ڪندڙ شھيد علي گل خاصخيلي، مير محمد خاصخيلي، محمد هاشم خاصخيلي، جانب خاصخيلي، رمضان خاصخيلي سميت 16 شهيدن جي ورسي ملهائي پئي وڃي.
پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو شھيدن جي وارثن سان گڏ شهيدن جي آخري آرامگاهه تي گل نڇاور ڪيا فاتحه خواني ڪئي.
ايم پي اي غلام قادر چانڊيو جو چوڻ آهي ته ايم آر ڊي جي شھيدن تي کين فخر آھي.