تازه ترين

سڪيورٽي فورسز افغان سرحد تان دهشتگردن جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 3 دهشتگرد ماري ڇڏيا

- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز افغان سرحد تان دهشتگردن جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 3 دهشتگرد ماري ڇڏيا، جڏهن ته هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويلن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي سرحدي علائقي سپن وام ۾ سرحد پار کان دهشتگردن فائرنگ ڪئي ۽ افغان حدن مان پاڪستاني بارڊر پوسٽ کي نشانو بڻايو ويو. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن جو وڏو نقصان ٿيو، جڏهن ته نائيڪ عبدالرئوف بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو . پاڪ فوج جي ترجمان موجب پاڪستان عبوري افغان حڪومت کان موثر بارڊر مينجمينٽ لاءِ معاملو اٿاري چڪو آهي، اميد ته افغان حڪومت دهشتگردن کي پاڪستان خلاف پنهنجي ڌرتي استعمال ڪرڻ جي وڌيڪ اجازت نه ڏيندي. ٻي طرف بلوچستان جي آوران واري علائقي ۾  سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب مشڪئي واري علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آپريشن دوران دهشتگردن جي ٿاڪن کي به تباهه ڪيو ويو جڏهن ته هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ پڻ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن  ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن ۽ استحڪام کي تباهه ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن. آءِ ايس پي آر موجب، قوم جي سهڪار سان دشمن جي هر سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33 ° C
33 °
33 °
21 %
3.6kmh
0 %
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون