- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز جو بلوچستان جي علائقي هوشاب ۾ آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ زخمي ٿي ويا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي سڪيورٽي فورسز هوشاب ضلعي ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ هٿياربندن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
فائرنگ جي ڏي وٺ علي جان نالي دهشتگرد مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد وٽان هٿيار ۽ با رودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي خطري سبب ڪليئرنس آپريشن پڻ ڪيو ويو، سڪيورٽي فورسز بلوچستان جو امن ۽ استحڪام تباهه ڪندڙن خلاف پرعزم آهي.- Advertisement -
